سعيد منگي

سعيد منگي

سعيد منگي

سعيد منگي: نامياري مصور، سعيد احمد ولد عنايت علي منگيءَ، 4 جولاءِ 1969ع تي خيرپور شهر جي هڪ علمي ادبي گھراڻي ۾ جنم ورتو. کيس آرٽ جو فن ورثي ۾ مليو. سنڌ جا ناليوارا آرٽسٽ قيوم منگي ۽ قربان منگي سندس چاچا آهن، جڏهن ته نثار منگي مامو ۽ فتاح منگي سؤٽ آهن. سندس تصويرن جي نمائش پهريون ڀيرو 1982ع ۾خيرپور شهر ۾ ڪل سنڌ ٻالڪ ميلي دوران ٿي، ان وقت سندس عمر 13 سال هئي ۽ اٺين ڪلاس جو شاگرد هو. هن شاهه عبداللطيف ڀٽائي، شاهه عنات رضوي، سچل سرمست، بيدل ۽ بيڪس جي بيتن جي ڪئليگرافيءَ سان گڏ سچل جي علامتي تصوير، محترمه بينظير ڀٽو ۽ ٻين شخصيتن جون تصويرون تيار ڪيون آهن. 1990ع ۾ اسلام آباد ۾ تصويري نمائش ۾ سعيد منگيءَ کي سچل سرمست ۽ تصوف بابت ٺاهيل تصوير تي انعام مليو.
هن جي تصويرن جون نمائشون اسلام آباد، لاهور، ڪراچي، حيدرآباد، ڄامشوري، خيرپور، لاڙڪاڻي، نوابشاهه، سکر، ڪوٽڙي ۽ ٻين شهرن ۾ ٿي چڪيون آهن، جن ۾ کيس مڃتا طور سگا اوارڊ، صوفي اوارڊ ۽ ٻيا انيڪ اوارڊ ۽ انعام ملي چڪا آهن.
هن سنڌ يونيورسٽيءَ جي فائن آرٽس شعبي مان 1990ع ۾ بيچلر ۽ 94-1993ع ۾ ماسٽرس ڪئي آهي، جنهن کانپوءِ سنڌ جي مشهور ثقافتي اداري انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ۾ آرٽسٽ طور پنهنجي نوڪريءَ جي شروعات ڪيائين، پر ترت ئي لاهور جي نيشنل ڪاليج آف آرٽس ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ويو، جتان هن ملٽي ميڊيا آرٽس ۾ ’ڪاروڪاريءَ‘ جي موضوع تي ماسٽرس جي ڊگري فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾ حاصل ڪئي. لاهور کان واپس اچڻ بعد سعيد منگي ٻيهر سنڌالاجيءَ ۾ ايگزيبيشن آفيسر طور خدمتون سـرانجـام ڏنيـون، جتان ترقـي ڏئي کيس ميوزيم جو انچارج مقرر ڪيو ويو. هن وقت سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف آرٽس اينڊ ڊزائين ۾ سينئر استاد آهي. هي ملٽي ميڊيا ۽ ڪمپيوٽر گرافڪس ۾ مهارت رکي ٿو. هن ڪيترن ڪتابن جا ٽائيٽل، سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪانووڪيشنن، ڪيٽلاگ، بروشر، سنڌالاجيءَ جي ڪتابن جي سرورقن سميت ڪيترن پروگرامن جا ڪارڊ ۽ ٽائيٽل ڊزائين ڪيا آهن. ٿري ڊي اينيميشن ۾ Save the Earth ڪارٽون فلم ٺاهي.
سعيد منگيءَ جو فن پوري ملڪ توڙي ملڪ کان ٻاهر مڃتا ماڻي چڪو آهي.


لفظ سعيد منگيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1969.07.04  عيسوي

نامياري مصور، سعيد احمد ولد عنايت علي منگيءَ، 4 جولاءِ 1969ع تي خيرپور شهر جي هڪ علمي ادبي گھراڻي ۾ جنم ورتو.



مُصوّر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڊاونچي ليونارڊو
زبيده آغا
عبدالسميع دهلوي
شوڪت علي دائودپوٽو
دهلوي عبدالحميد
دارا عالم ابڙو
علي اڪبر سومرو
شازيه سڪندر
پنجو مل رگهواڻي
حفيظ الله کوهارو
مُصوّر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون